'عبدالمجيد سنڌي' جون تصويرون
 عبدالمجيد سنڌي جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو: هي ڪتبخانو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو لاڙڪاڻي ۾ ذاتي ڪتبخانو آهي. هن ڪتبخاني ۾ پندرهن هزار کن ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قديم ڇاپي ڪتاب، قلمي نسخا، ناياب ڪتاب ۽ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ، ناياب ڪتابچا، رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهن. سال 1949ع کان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجي.....


بهترين سنڌي ناٽڪ

بهترين سنڌي ناٽڪ (ڪتاب ): ايم ڪَمل جي لکيل بهترين ناٽڪن جو مجموعو، جيڪو 1989ع ۾ گجرات سنڌي اڪيڊمي، گانڌي نگر (ڀارت) پاران شايع ڪيو ويو......


بيدل جو سنڌي ڪلام

بيدل جو سنڌي ڪلام (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب بولچند وسومل راجپال جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 94 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، آزاد بوبڪ ڊيپو، آزاد پرنٽنگ پريس، جيڪب آباد مان سال 1950ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو......


اثر سنڌي

اثر سنڌي: شاعر ۽ صحافي اثر سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز سولنگي ولد چنيسر خان سولنگي آهي. 15 آگسٽ 1959ع تي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول جهمپير مان 1970ع ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهمپير مان 1975ع ۾ ڪيائين، انٽر گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان 1977ع.....


اهروي عبدالمجيد ماجد

اهروي، عبدالمجيد ”ماجد“: عبدالمجيد ”ماجد“ پٽ فقير خاصخيلي (خليفو) 9 ذوالحج 1320هه/1915ع ۾ ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزيءَ جي تعليم وٺڻ لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم قاضي عبدالقيوم جي صحبت ۾ طب سک.....


آتش سنڌي

آتش سنڌي: ناليواري مزاحمتي شاعر آتش سنڌيءَ جو اصل نالو معشوق علي ولد ولي محمد شيخ آهي. سندس جنم 17 جولاءِ 1953ع تي قنبر ۾ ٿيو. غريب خاندان جو فرد هئڻ سبب پرائمري تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. آتش سنڌي لکڻ جي شروعات 1967ع ۾ ناليواري عوامي شاعر استاد پيرل قنبر جي رهنمائيءَ ۾ ڪئي. هن 1978ع ۾ لطيف ادبي س.....


آخرين سنڌي

آخرين سنڌي (ڪتاب ):ايڪانيڪي يا ون ايڪٽ ناٽڪن جو هيءَ مجموعو هند- سنڌ جي مشهور اديب ڄيٺي لالواڻيءَ جو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس لکيل 9 ايڪانيڪي ناٽڪ شامل آهن. ڄيٺي لالواڻي ناٽڪ ۾ بطور ڪلاڪار، ليکڪ ۽ هدايتڪار ٿي به پاڻ ملهايو آهي ۽ کيس ناٽڪن تي ٻه اوارڊ به مليا آهن. هن مجموعي ۾: ”عمر مارئي، انت ويلو، ڀاڀي، .....


برهانپور ڪي سنڌي اولياء

برهانپور ڪي سنڌي اولياء: پاٽ شريف جي ڪجهه بزرگن هندستان ۾ علم ۽ ادب جي جوت جلائي. ڏهين صديءَ جي انهن عالمن سڳورن ۾ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي پاٽائي جو نالو به سرفهرست آهي. انهن عالمن پٺيان اهو علائقو سنڌي پوره سڏجڻ لڳو. جيڪو برهانپور مڌيه پرديش ۾ آهي. 1947ع کان پوءِ ان علائقي جو هڪ اهل قلم محمد .....


آئيي سنڌي سيکين

آئيي سنڌي سيکين (ڪتاب ):سنڌي سکڻ جي خواهشمند، اردو ڳـالـهـائـيـنـدڙن کـي سـنـڌي سـيـکـارڻ لاءِ هـيءُ تـربـيـتـي ڪتاب ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي، جنهن ۾ اردوءَ ذريعي ڏاڪي به ڏاڪي سنڌي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اصل ۾ هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ سنڌي سکيا پروگرام جا سبق آهن، جيڪي ڊاڪ.....


اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نامور محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ گرامر بابت آهن. ڪتاب ۾ شامل مقالن ۽ مضمونن ۾: هر هڪ لفظ هيري کاڻ، ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي ۽ استدلال جو اهو طريقو غلط آهي، وغيره شامل آهن. هن ڪتاب .....


اصغر سنڌي

اصغر سنڌي: نامياري ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن اصغر سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد محمد آچر ’مجاهد‘ عباسي آهي. سندس جنم 05 آگسٽ 1963ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، سندس والد پڻ پنهنجي دور جو هڪ ڪهنه مشق شاعر ٿي گذريو آهي. اصغر سنڌيءَ لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪئي. هن نثر ۾ گهڻو لکيو آهي، سنڌ ڌرتي ۽ قوم پرستي سندس تخليق ج.....


 پوئتي   1   2   3   4  5  6   7   8   9   اڳتي